خوشي ڪي مٽائي

خوشي ڪي. مٽائي: مشهور سنگيت ڪار ۽ گائڪ خوشي. ڪي. مٽائي، 5 جون 1941ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي وقت 7 سالن جي عمر ۾ مائٽن سان گڏجي ٿاڻي (مهاراشٽر) ضلعي جي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي رهيو، جيڪا اڳتي هلي الهاس نگر سڏي وئي. خوشي ڪي. مٽائيءَ کي ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ ۽ راڳ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ ان دلچسپيءَ کيس وڏو اداڪار، سنگيت ڪار ۽ گائڪ بنايو. هن جون هن ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. ابتدا ۾ اداڪار طور سورٺ ۽ راءِ ڏياچ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيائين. هن گائڪ ۽ سنگيت ڪار جي حيثيت ۾ ڪيترا گيت ڪمپوز ڪيا آهن. آل انڊيا ريڊيو جو ڪجهه عرصو انائونسر به رهيو. سندس ڳايل ۽ ڪمپوز ڪيل گيت آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان نشر ٿي وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. خوشي ڪي. مٽائي، سنڌي موسيقي ۽ راڳ جو هند ۾ وڏو نالو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.06.05  عيسوي

مشهور سنگيت ڪار ۽ گائڪ خوشي. ڪي. مٽائي، 5 جون 1941ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرمد سنڌي
پنڪج اُڌاس
بخشو ۽ صادق علي
سچل فقير جتوئي
اميد علي شاهه
خاصخيلي محمد ابراهيم
شيخ عرس
فائزا علي
استاد يوسف کٽي
راول فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون